​اسان جو مھمان مھينو

سال جا 11 مھينا ڄڻ حالت نزع جا مھينا ھوندا آھن. رمضان شريف جو ڀلارو مھينو ان ذھني، فڪري، روحاني ۽ جسماني نزع کان ڇوٽڪاري جو مھينو آھي.

واقعي ھي مھينو مھمان مھينو آھي. ھڪ اھڙو مھينو جنھن جي اچڻ جو انتظار، ان جو رھڻ راحت ۽ دلي سڪون ۽ وڃڻ اداسي ۽ سڄي سال جو اوسيئڙو.

جيڪي به ھن مھيني جي دل وٽان خدمت ڪن ٿا اھي رب سائين جون کوڙ ساريون برڪتون، رحمتون ۽ نعمتون وري سڄو سال ميڙين ٿا.
اعتڪاف يا ڏھاڪي جا ڏينھن ته اھڙا آھن جيڪي به ان ۾ ويھن، ڏھن ڏينھن کان پوء ڄڻ آخرت جو آسڪر ايوارڊ کٽي نڪرن.

رمضان جا 30 ڏينھن تسبيح جي داڻن وانگر ڦرندا، سرندا جلدي ختم ٿي وڃن ٿا. اسان جي دل جي حضور سان الله سائينء کان دعا آھي ته شل ھن مھمان مھيني جون سڀ برڪتون اسان سڀني کي ايندڙ سال تائين نصيب فرمائي ۽ بخشش و درگذر جو اھڙو مقام عطا فرمائي جيڪو خود رب سائين کي پسند آھي.

آمين

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s