پر ائين ڪڏھن ڪڏھن ٿيندو آھي

صبح جو ناشتي کان پوءِ

مان پڙھڻ چاھيندو آھيان

اخبارن جا ڪالم ۽ رھجي ويل خبرون

۽ پوءِ ڪو نه ڪو ڪتاب

يا ڪتابن جا رھجي ويل حصا

مان ڳولي رکندو آھيان پينون ۽ ڪاغذ

ڪجھ لکڻ لاءِ

ذھن ۾ ايندڙ ڪنھن به اوچتي خيال کي

نظم جي صورت ۾ يا نثر جي صورت ۾

پنھنجي لکڻين کي ھڪ دفعو ٻيھر پڙھندو آھيان

درست ڪندو آھيان

پوءِ وري پڙھڻ لڳندو آھيان

انھيءَ لکڻ پڙھڻ ۽ صبح جي ناشتي کان پوءِ

وري سمھڻ دوران 

مان توکي وساري ڇڏيندو آھيان

يا ائين سمجھ

تون مون کي ھرگز ياد نه ايندي آھين

پر ائين ڪڏھن ڪڏھن ٿيندو آھي

ڏس مان ڪيڏو سيلفش آھيان

جو توکي وساري ويھندو آھيان

پر ائين ڪڏھن ڪڏھن ٿيندو آھي…….؟

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s