ڪراچي، گلابَ ۽ مان

هڪ وقت هو جو ڪراچي جي شهر مان گلابن جي خوشبو ايندي هئي. گلابي منظر، گلابي خواب، گلابي خمارن ۾ ڀريل نيڻ، چوڏس هي گلابي هوندو هو.

گلابي آسمان، گلابي ڌرتي، گلابي بسون، گلابي عمارتون ۽ گلابي چهرا، هر طرف گلابن جو هڳاءُ ۽ رنگَ.

پر پوءِ ڪراچي پنهنجو رنگ مٽايو، گلابي نيڻ، گلابي چهرا، گلابي آسمان ۽ گلابي ڌرتي هڪ ڳاڙهاڻ ۾ رنڱجي وئي، خوني ڳاڙهاڻ جنهن جي تذڪري سان روح به ڪنبيو وڃي. ڪاڏي وئي ماضي جي سونهن ۽ سوڀيا، زندگيءَ جي رنگيني، بس ڇنل گل ۽ خالي گلدستو.

ها پر ڪڏهن ڪڏهن نيري آڪاش ۽ ڏور سمونڊ پاسي مان اڃا به گلابي رنگن ۽ خوشوبوئن کي ڳوليندو وتندو آهيان..

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s