امرجليل، چينو ۽ آمريڪا بهادر

امرجليل، چينو ۽ آمريڪا بهادر

مون کي عجيب لڳندوآهي دنياجي ڪنهن به ليکڪ ياشاعرکي ڪنهن ٻي دنياجي ليکڪ ياشاعرسان ڀيٽڻ پراسان وٽ اهڙا انيڪ مثال موجود آهن. ڪيترن ئي مغربي ليکڪن مشرق جي تمام وڏن عالمن، شاعرن ۽ ليکڪن تي نه صرف لکيوآهي پرانهن جي شخصي ۽ علمي ڪمن جوتقابلي جائزوپڻ ورتوآهي.

امرجليل ڀلي سنڌجوخليل جبران نه هجي يا هواردوجي ليکڪا قرت العين حيدرجي ويدانتي فلسفي جهڙي تحريرجومالڪ نه هجي، پرهن جون تحريرون، هن جا لفظ، هن جا جملا۽ هن جا خيال اڄ به گھايل آهن. هواڄ به سعادت حسن منٽووانگرچڙيل آهي ننڍي کنڊ جي نام نهاد مذهبي ورهاڱي تي. امرجليل اڄ به امرتاپريتم جي نظمن جودردکڻي گھمندوآهي، هواڄ به سنڌ جي هندن جي زبردستي لڏپلاڻ ۽ خوشونت سنگھ وانگرپنجاب جي سکن ۽ مسلمانن جي هجرت تي رنج ۽ ظلم جا داستان لکندي مزاح، تنقيد ۽ تاريخ جي سياسي درستگي تي ڇتاڪالم لکندڙآهي.

هن جون تحريرون ۽ ڪهاڻيون عالمي ادب جي ڪنهن به ليکڪ سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي سگهن ٿيون پرهوذاتي طرح اهڙي شهرت ۽ ڀيٽا جوبکيونه رهيوآهي. هواڄ به ايڪاسي سالن جوننڍڙوٻارآهي ٻارکي جيئن به وڻندوآهي هوکيل تماشا ڪندووتندوآهي هوبه ٻاروانگرپنهنجي مرضي جومالڪ آهي هوپاڻ ڪڏهن به وڏونه ٿي سگھيو، پرهن جون ڪهاڻيون، هن جاڪردار، هن جا ليک ۽ هن جون ڪٿائون تمام گهڻيون وڏيون ٿي چڪيون آهن. هواڄ به سنڌ ۾ گهڻوپڙهيوويندڙليکڪ آهي چئي سگهجي ٿوته هوجديد سنڌي ادب جوامام آهي.

سرد جنگ کان پوءِ جڏهن نئين عالمي نظام جون ڳالهيوڻ ٿيڻ لڳيون ته ان نظام جي باري ۾ گهڻوڪجهه لکيوويو. ان جي اطلاق ۽ بعد جي نتيجن ۽ عالمي اثرن تي هڪ تفصيلي بحث ڪيوويو، ان نظام جوپهريون کاڄ خليج جي جنگ جي صورت ۾ ظاهرٿيوتوڙي جواهونظريوتمام پراڻوهئوپرنوي جي ڏهاڪي ۾ هڪ دفعوٻيهرڪرکڻندڙ هن نظام جوصرف هڪڙوئي مقصدهوته صرف آمريڪا بهادرئي هن سڄي سنسارجولٺ سردارهوندو. سوويت يونين ته اڳ ئي داخلي معاملن جوشڪارٿي چڪو هو. هاڻ هڪ يوني پولردنيا هئي ۽ اڪيلوسپرپاورآمريڪا هو.

نوي جي ڏهاڪي کان وٺي هينئرتائين وچ مشرق سک جوساهه نه کنيوآهي. هزارين انسانن جي خونريزي جي باوجود مصيبتن، مشڪلاتن ۽ بلائن جوازدها اڃا به ڪرکنيوبيٺوآهي. مصيبتن واري گهڻ منهئين بلا (Hydra) کي ختم ڪرڻ لاءِ رستم پهلوان (Hercules) پيدا ئي نه ٿيوآهي. هينئرٽرمپ پنهنجي رناٽي طبعيت ۽ چالاڪين سان سعودي عرب ۽ ايران کي جنگ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيوآهي ته گڏوگڏ هوافغانستان جي بکيڙي ۾پاڪستان ۽ انڊيا کي به هڪلي رهيوآهي. يعني، ويڙهائڻ لاءِ آمريڪا کي گهڻا ئي خالي ميدان مليل آهن بس واري واري سان جت طبل وڄندوات خون و ڪشت جوميدان گرم ٿيندو.

مهينوٻه اڳ جڏهن ٽرمپ سعودي عرب جي دعوت تي رياض اسهيو، هن مزي مزي جي روايتي عربي کاڌن جومزو ورتو، هٿ ۾ تلوارجهلي عرب شهزادن سان گڏ روايتي ناچ نچندي، لڏڪا ۽ لمڪا ڏيندي اربين ڊالرن جي جنگي سازوسامان ۽ هٿيارن جامعاهدا ڪري آمريڪا پهتوته مون کي امرجليل جي هڪ ڪهاڻي، ”چينو” ياد اچي وئي. چينوجيڪوعمر۾ ننڍوبه هوندوآهي ته قد۾ به، پرهوپنهنجي قد ۽ وت کان وڏا سوال ڪري وٺندوآهي. چينوپنهنجي وڏي ڀاءُ کان پڇي وٺندوآهي، ”ادا، ويٽنام جي جنگ جي ڪري آمريڪا جاجنگي سامان ٺاهيندڙڪارخانا ڏينهن رات هلنداهئا لکين ماڻهن انهن ڪارخانن ۾ڪم ڪنداهئا لکين گھراڻا انهن ڪارخانن جي آڌارتي آباد هئا. هينئرجوجنگ ختم ٿي آهي ته لازمي طرح جنگي سامان ٺاهيندڙڪارخانا به بند ٿي ويندا، بيروزگاري وڌندي، آمريڪا ان بحران کي ڪيئن منهن ڏيندو”؟

چينوجهڙا گهڻا ننڍڙي، بندري قد وارا اسان جي معاشري ۾ موجود هوندا آهن هووڏا سوال به ڪري وٺندا آهن ۽ وڏا جواب به ڏيڻ ڄاڻيندا آهن پراڳلي جويا ته پاڻي ڪڇيندا آهن يا اندرجي لڇ پڇ هنن کي اهڙن سوالن تي آماده ڪندي آهي. چينوسمجهي ويندوآهي ته سندس وڏوڀاءُ جواب لنوائي ويندو، سوپنهنجي ئي جواب جوپاڻ جواب ڏئي وٺندوآهي ۽ چوندوآهي ته، ”ادا خير، مان ٿوجواب ٻڌايان ءِ، مان سمجهان ٿو، آمريڪا پنهنجا جنگي ڪارخانا هلائڻ لاءِ برصغيريا وچ مشرق ۾ جنگ جي باهه جا ڀڙڪائيندو”. چينوجي چاليهه پنجاهه سال پراڻي پيشنگوئي۽ مشاهدي تي اچرج اچي ٿو. اڄ آمريڪا بهادرجا جنگي سامان ٺاهيندڙ ڪارخانا ڏينهن رات هلي رهيا آهن، وچ مشرق هينئربه ٻري رهيوآهي، هندستان، پاڪستان ۽ افغانستان جي وڏي جنگ لاءِ اڃا به ميدان خالي آهي صرف طبل وڄڻ جي ديرآهي

(رضاگلاب سومرو)

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out /  Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out /  Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  Change )

w

Connecting to %s